ٽي ملڪي سيريز: افغانستان جي جاءِ تي زمبابوي شامل، شيڊيول جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ افغانستان جي جاءِ تي زمبابوي جي شموليت جو اعلان ڪندي شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) افغانستان طرفان سيريز تان هٿ کڻڻ کانپوءِ زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو هو، جنهن سيريز کيڏڻ لاءِ حامي ڀري ورتي.
پي سي بي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز 17 نومبر کان 29 نومبر تائين کيڏي ويندي.
پهرين ميچ 17 نومبر تي پاڪستان ۽ زمبابوي، ٻي ميچ 19 نومبر تي سريلنڪا ۽ زمبابوي، ٽين ميچ 22 نومبر تي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏي ويندي.
ٽي ملڪي سيريز جي چوٿين ميچ 23 نومبر تي پاڪستان ۽ زمبابوي، پنجين ميچ 25 نومبر تي سريلنڪا ۽ زمبابوي، جڏهن ته ڇهين ميچ 27 نومبر تي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏي ويندي.
سيريز جو فائنل 29 نومبر تي کيڏيو ويندو، لاهور فائنل سميت 5 ميچن جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته 2 ميچون راولپنڊي ۾ ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.