اُگهاڙي مواد جو الزام: ريئلٽي شو ”لازوال عشق“ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نامناسب ۽ اگهاڙو مواد شيئر ڪرڻ جي الزامن تحت ريئلٽي شو ”لازوال عشق“ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
لازوال عشق جي ميزباني عائشا عمر ڪري رهي آهي، جنهن جي دعويٰ آهي ته اهو ”ڊيٽنگ شو“ ناهي پر واهپيدار ان تي تنقيد ڪندي مٿس اسلامي ملڪ ۾ فحاشي پکيڙڻ جا الزام هڻندي نظر اچي رهيا آهن.
شو جو ٽيزر ۽ ٽريلر سامهون ايندي ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن ان تي پابندي جو مطالبو شروع ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي پيمرا واضح ڪيو هو ته اهو شو يوٽيوب تي نشر ٿيندو ۽ ان تي پابندي لاڳو ڪرڻ ان جي اختيار ۾ ناهي.
شو جون ڪجهه قسطون جاري ٿيڻ کانپوءِ هاڻ ان خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي پيمرا سميت پي ٽي اي کان ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
امن ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين محمد فائق شاهه شو خلاف درخواست داخل ڪندي مواد کي غير اخلاقي ۽ معاشرتي قدرن جي ابتڙ قرار ڏيندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل شو ملڪ جي مذهبي ۽ سماجي قدرن، روايتن ۽ اخلاقيات خلاف مواد پيش ڪري رهيو آهي، شو تفريح ۽ آزادي جي نالي تي بي حيائي کي هٿي ڏئي ٿو، جنهن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
درخواست ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ڪردار جي حوالي سان به رهنمائي گهري وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پيمرا ۽ پي ٽي اي کي سخت نگراني جي هدايت ڪئي وڃي.
درخواست ۾ وفاق، پيمرا، پي ٽي اي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي ڌر بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.