اسرائيل جي ٽرمپ جي امن معاهدي کي پُٺي، تازي جارحيت ۾ 28 فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا سٽي جي علائقي زيتون ۾ هڪ گاڏي تي اسرائيلي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جا 11 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
اسرائيل چيو آهي ته اها گاڏي ”يلو لائن“ کي پار ڪري رهي هئي، جيڪا اسرائيلي فوجي ڪنٽرول واري علائقي کي ظاهر ڪري ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جنگبندي لاڳو ٿيڻ کان وٺي هيل تائين اسرائيل 28 ڄڻن کي شهيد ڪري چڪو آهي.
حماس آمريڪا ۽ ٽياڪڙي ڪندڙن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي اسرائيل تي جنگبندي معاهدي جي احترام لاءِ دٻاءُ وجهن ۽ حملا بند ڪرائين.
اهو مطالبو ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ريڊ ڪراس ذريعي هڪ ٻئي اسرائيلي قيدي جو لاش واپس ڪيو ويو.
پر اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته حماس کي جنگبندي معاهدي تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن 18 مقتول قيدين جا لاش واپس ڪرڻ گهرجن، جيڪا اڃا تائين غزا ۾ موجود آهن.
واضح رهي ته امدادي قافلا اسرائيلي رنڊڪن سبب متاثر ٿي رهيا آهن ۽ فلسطيني اڃا تائين خوراڪ ۽ پاڻي لاءِ پريشان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.