فيسبڪ ” اَي آءِ “ هاڻي توهان جي فون ۾ موجود تصويرون به ايڊٽ ڪندو، طريقو ڄاڻيو

فيسبُڪ جي نئين فيچر جي مدد سان هاڻي واهپيدار ٽيڪنالاجي ڪمپني ”ميٽا“ جي جديد مصنوعي ڏاهپ تائين آساني سان پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل ”اي آءِ“ ايپ استعمال ڪندي پنهنجي فون جي ڪئميرا رول ۾ موجود تصويرون به ايڊٽ ڪري سگهندا.
رپورٽن موجب، واهپيدار فيسبڪ ۾ موجود هڪ فيچر کي فعال ڪري ميٽا اي آءِ کي پنهنجي فون جي ڪئميرا رول ۾ محفوظ تصويرون ايڊٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهندا، پر في الحال اِهو فيچر رڳو آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي صارفين لاءِ موجود آهي.
ميٽا جي طرفان تازو اعلانيل فيسبڪ سيٽنگز ۾ موجود اِهو فيچر فعال ڪرڻ سان واهپيدار ميٽا اي آءِ جي ذريعي نه رڳو پنهنجي فون جي ڪئميرا رول ۾ موجود تصويرون ايڊٽ ڪري سگهندا، پر تصويرن کي فيسبڪ فيڊ ۽ اسٽوريز تي شيئر پڻ ڪري سگهندا.
فيسبڪ واهپيدار پنهنجي مرضي سان فيس بڪ سيٽنگ ۾ موجود ” ڪئميرا رول سيٽنگز سجيشن“ واري آپشن جي هيٺان ” ڪلائوڊ پروسيسنگ“ جو آپشن فعال ڪري فيچر تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪو سندن ڪئميرا رول ۾ موجود تصويرن کي اي آءِ اميجز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، جڏهن ته ان فيچر کي ڪنهن به وقت غير فعال به ڪري سگهجي ٿو.
ميٽا موجب، واهپيدارن جي ڪئميرا ۾ موجود تصويرن کي ان وقت تائين اشتهاري مقصدن يا اي آءِ سسٽم جي بهتري لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو، جيستائين صارفين پاڻ ايڊٽ ڪيل تصويرون سوشل نيٽ ورڪ تي پنهنجن دوستن يا ٻين ماڻهن سان شيئر نه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.