خانيوال (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي محنت سان پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ عزت ملي، تازي غزا امن معاهدي دوران سڄي دنيا جي اڳواڻن بدران پاڪستان جي ليڊر کي تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو.
خانيوال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي سفارتي سطح تي جيڪي ڪاميابيون مليون آهن، ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، پاڪستان جو سعودي عرب سان تاريخي معاهدو ٿيو، جيئن سعودي عرب ۾ منهنجي آجيان ٿي ائين اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو.
هن چيو ته اسان آمريڪا جو دورو ڪيو، آمريڪي صدر سان ملاقات ۾ مان غزا جو معاملو اٿاريو، پاڪستان ان جنگبندي ۾ پنهنجو حصو وڌو ۽ ٽرمپ فرنٽ تان معاملي کي ليڊ ڪيو، کيس ان جو ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته معاشي ميدان ۾ به اسان پاڪستان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سپهه سالار به ڀرپور ڪردار نڀائي رهيو آهي، حڪومت سنڀالي ته وڏا چيلينج هئا پر اڄ معيشت اڳتي وڌي رهي آهي.
وزيراعظم چيو ته ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستان کي تاريخي فتح نصيب ٿي، پاڪ فوج جي دليراڻي ڪارروائين ۽ عوام جي دعائن سان اهو سڀ ممڪن ٿيو، ان جنگ کي فيلڊ مارشل فرنٽ کان ليڊ ڪيو.
غزا امن معاهدي ۾ سڄي دنيا جي اڳواڻن بدران پاڪستاني ليڊر کي ڳالهائڻ جو موقعو مليو: وزيراعظم
You might also like