ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته نهايت افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ويجهڙائيءَ ۾ افغانستان سڀ ٿورا وساري سرحدن تي کلي اڳرائي ڪئي، جنهن جو اسان جي فوجن ڀرپور جواب ڏنو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته پاڪستان سدائين پنهنجي افغان ڀائرن کي سپورٽ ڪيو آهي ۽ افغانن جي تڪليفن کي پنهنجي تڪليف سمجهيو آهي، ان لاءِ پنهنجيون سرحدون به کوليون.
شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي آباد ڪيو.
سندس چوڻ ”افغانستان سڀ احسان وساري کلي جارحيت ڪئي، جنهن جو اسان جي فوجن ڀرپور جواب ڏنو.“
قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته مان ذاتي طور تي پنهنجي وسيلن مان 350 افغان خاندانن جي پرگهور لهان ٿو، پر افغانستان کي سوچڻ گهرجي ته پاڪستان ان جو برادر اسلامي ملڪ آهي، تنهنڪري اهو ڪنهن اهڙي ملڪ جي هٿان استعمال نه ٿئي، جيڪو اڳ ۾ ئي پاڪستان اندر دهشتگردن کي سولهت ڏيئي رهيو آهي.
افغانستان سڀ ٿورا وساري پاڪستان اندر دهشتگردن کي سهولت ڏيندڙ ملڪ هٿان استعمال ٿي رهيو آهي: شاهد آفريدي
You might also like