جج ميڊيا تي نه ڳالهائي سگهندا: سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ اهم ترميم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ اهم ترميم ڪري ڇڏي، جنهن تحت هاڻ جج ميڊيا تي نه ڳالهائي سگهندا.
ترميم ٿيل رول نمبر 5 موجب جج الزامن جو سڌي ريت جواب نه ڏيندا پر ڪنهن به الزام يا سوال جو لکت جواب ردعمل لاءِ قائم ڪميٽي کي موڪليندا.
اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي دور ۾ ڪوڊ آف ڪنڊنٽ ۾ اهڙي ترميم ڪئي وئي هئي، جنهن تحت ججن کي الزامن تي وضاحت ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي پر نئين ترميم کانپوءِ اها اجازت واپس ورتي وئي آهي.
ترميم ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جج ميڊيا تي اهڙي ڪنهن سوال جو جواب نه ڏيندو، جنهن سان تڪرار پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي، ڀلي ان ۾ قانوني نڪتو ئي شامل ڇو نه هجي.
ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب جج کي هر معاملي ۾ مڪمل غير جانبداري اختيار ڪرڻي پوندي، ڪنهن اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ ذاتي مفاد يا تعلق هجي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪاروباري يا مالي لاڳاپن جي حوالي سان پاسو ڪرڻو پوندو.
وڌيڪ اهو ته ججن کي سياسي يا عوامي تڪرارن ۾ شامل ٿيڻ، غير ضروري سماجي يا ثقافتي تقريبن ۾ شرڪت، پرڏيهي ادارن کان دعوت قبول ڪرڻ ۽ ڪنهن وڪيل يا فرد جي ذاتي تقريب ۾ شرڪت کان به روڪيو ويو آهي.
ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جج رڳو ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ڪري، عدالتي ڪم ۾ دير کان پاسو ڪري ۽ ڪنهن به دٻاءَ کان آزاد رهي فرض انجام ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.