ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا غزالا جاويد جو چوڻ آهي ته اڄ جي ڇوڪريون عياشي ۽ آزادي سبب شادي نه ٿيون ڪرڻ چاهين.
اداڪارا غزالا جاويد تازو هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران اداڪارا مختلف موضوعن سميت اڄڪلهه جي ڇوڪرين طرفان شادي نه ڪرڻ جي سببن بابت به ڳالهايو.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا غزالا جاويد چيو ته ”اڄ جي ڇوڪريون عياشي ۽ آزاد زندگي سبب شادي نٿيون ڪرڻ چاهين، اهڙيون ڇوڪريون چاهين ٿيون ته سندن زندگي ۾ ڪو به کانئن پڇاڻو نه ڪري.“
اداڪارا اڄڪلهه جي شادين اڳ واري دور سان ڀيٽيندي چيو ته توهان ڪجهه سال اڳ جون شاديون ڏسو، ننڍي عمر واري ڇوڪرين جون شاديون سڀ کان ڪامياب شاديون هونديون هيون.
غزالا جاويد شو دوران پنهنجي ڀاڻيجي جو مثال ڏيندي ٻڌايو ته منهنجي ڊاڪٽر ڀاڻيجي شادي لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر يا انجينيئر ڇوڪري بدران هڪ عام گريجوئيٽ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
اداڪارا جو بيان سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڪيئي واهپيدارن اداڪارا جي موقف سان اختلاف ڪندي تبصرا ڪيا، هڪ عورت صارف لکيو ته ”دنيا ڪاڏي وڃي رهي آهي ۽ هنن پراڻين آنٽين جون ڳالهيون ٻڌو.“
بسمه نالي واهپيدار لکيو ته ”اهو ئي ڪارڻ آهي جو مردن کي شادي سان ڪو مسئلو ناهي، ڇو ته شادي کانپوءِ به کانئن پڇڻ وارو ڪو ڪونهي.“
هڪ ٻئي صارف اداڪارا کي واضح ڪندي لکيو ته ”ننڍي عمر جون شاديون به ڪامياب نه هيون، توکي ڪهڙي خبر ته انهن ڇوڪرين ڪهڙيون تڪليفون ڀوڳيون، پر ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهيون، ڇو ته وٽن نه تعليم هئي نه آزادي.“