هڪ هفتي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ زائرين جي حرمين آمد

رياض (ويب ڊيسڪ) گذريل هڪ هفتي دوران هڪ ڪروڙ 35 لک کان وڌيڪ زائرين جي حرمين شريفين آمد ٿي آهي.
حرمين شريفين جا معاملا ڏسندڙ اداري موجب 1447 جي ربيع الثاني هفتي (18 کان 24) ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 35 لک 258 ماڻهن مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه جو رُخ ڪيو.
رپورٽ موجب مسجد الحرام ۾ 46 لک 81 هزار ماڻهن نماز ادا ڪئي، جن مان 23 هزار 994 حجرِ اسماعيل (حطيم) اندر نماز پڙهي، ان ئي دوران عمري زائرين جو انگ 27 لک 96 هزار 561 رهيو.
مسجد نبوي صه ۾ 51 لک 68 هزار 764 نمازين عبادت ڪئي، جن مان 3 لک 40 هزار 958 ماڻهن روضه شريفه ۾ نماز ادا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.