مينديءَ رتل هٿن سان نڪاح نامي تي صحيح، اڳوڻي اداڪارا ” قبول“ آهي جي ڪپيشن سان تصويرون جاري ڪري ڇڏيون

ممبئي (ويب ڊيسڪ) 6 سال اڳ بالي ووڊ کي الوادع چوندڙن اڳوڻي اداڪارا زائرا وسيم نڪاح جو اعلان ڪندي مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا پليٽفارم انسٽاگرام تي زائرا وسيم پنهنجو ۽ مڙس جو چهرو ظاهر نه ڪندي نڪاح جون تصويرون شيئر ڪيون.
تصويرن ۾ زائرا وسيم کي ڳاڙهي رنگ جي گولڊن ڪڙهائي واري عروسي لباس ۾ جڏهن ته سندس مڙس کي آف وائيٽ قميص شلوار تي ساڳي رنگ جي شال اوڍي چنڊ ڏانهن تڪيندي ڏسي سگهجي ٿو.
ٻي تصوير ۾ زائرا وسيم کي مهندي رتل هٿن سان نڪاح نامي تي صحيح ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
اڳوڻي اداڪارا جي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ”قبول آهي“ لکيو ، پر زائرا وسيم جي پوسٽ ۾ سندس مڙس بابت ڪا به ڄاڻ، ايتري قدر جو نالو به شامل نه آهي.
سوشل ميڊيا تي زائرا وسيم جون تصويرون تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن، جنهن کانپوءِ مداحن طرفان سندس نئين زندگي جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته سپر هٽ فلم ”دنگل“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ چائلڊ اسٽار زائرا وسيم 2019ع ۾ مذهبي بنيادن تي فلم انڊسٽري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڊگهي پوسٽ ۾ زائرا وسيم بالي ووڊ ڇڏڻ جي وضاحت ڪندي لکيو هو ته ”فلمي سفر دوران عزت ۽ شهرت ته ملي، پر فلمن سبب مذهب کان پري ٿي رهي هيس ۽ زندگي مان برڪت ختم ٿي رهي هئي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.