فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) اڀرندڙ ماڊل ۽ ٽڪ ٽاڪر روميسا سعيد روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ علاج دوران لاڏاڻو ڪري وئي.
روميسا سعيد فيشن ماڊلنگ ڪندي هئي، سندس شمار اڀرندڙ ماڊلز ۾ ٿيندو هو، هوءَ سوشل ميڊيا تي به متحرڪ هئي.
روميسا سعيد لاهور ۽ ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ ڪجهه فيشن شوز ۾ به شرڪت ڪئي ۽ کيس مستقبل جي سپر ماڊل قرار ڏنو پئي ويو.
ڪجهه ڏينهن اڳ روميسا فيصل آباد ڀرسان روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن کان علاج هيٺ هئي پر 17 آڪٽوبر تي زخمن جا سور نه سهندي لاڏاڻو ڪري وئي.
روميسا سعيد جي جنازي نماز فيصل آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ تدفين ننڪانه صاحب جي علائقي ۾ مقامي قبرستان ۾ ڪئي وئي.
سندس وڇوڙي تي شوبز ۽ فيشن سان سلهاڙيل شخصيتن توڙي سوشل ميڊيا واهپيدارن افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
You might also like