خڪراچي (ويب يسڪ) ڀارتي سرمائيدار ۽ ”ون ون سڪس نيٽورڪ “ جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين گؤرَو ڀيرواڻيءَ ڪرڪيٽ ۾ انقلابي تبديلي آڻيندي ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي کي گڏائي هڪ نئون فارميٽ ”ٽيسٽ ٽوئنٽي“ متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن کي ٽيسٽ جي گهرائي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي تيز رفتاري جو ميلاپ قرار ڏنو پيو وڃي.
مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ”ڪرڪ بَز“ جي رپورٽ موجب، امڪاني طور تي هي نئون فارميٽ جنوري 2026ع کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ شوقين هڪ ئي ٽڪيٽ تي ڊبل مزا ماڻي سگهندا.
پهرئين سيزن ۾ ڇهه فرنچائزيز شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، ٽي انٽرنيشنل (دبئي، لنڊن ۽ هڪ آمريڪي شهر مان) ۽ ٽي ڀارتي ٽيمون، جيڪي پنهنجن شهرن جي نمائندگي ڪنديون.
فارميٽ جا خاص نڪتا هن ريت آهن
* هر ميچ 80 اوورن تي ٻڌل هوندي، جيڪا 4 مرحلن (سيشنز) ۾ ورهايل هوندي، هر سيشن 20 اوورن جو هوندو.
* ٻئي ٽيمون ٻه ڀيرا بيٽنگ ڪنديون ۽ ٽيسٽ جيان پهرين اننگز جي ليڊ ٻي اننگز ۾ شامل ڪئي ويندي.
* ”فالو آن“ ۽ ”پاور پلي“ ٻئي شامل هوندا.
* هر ٽيم 5 بالر استعمال ڪري سگهندي ۽ هر بالر کي ٻنهي اننگز ۾ 8 اوور هلائڻ جي اجازت هوندي.
* فري هِٽ، وائيڊ ۽ نو بال لاءِ ٽي ٽوئنٽي جا قانون لاڳو هوندا
* ميچ برابر ٿيڻ جي صورت ۾ فاتح جو فيصلو سُپر اوور ذريعي ڪيو ويندو.
ڪرڪيٽ تجزئي نگارن جو خيال آهي ته هي فارميٽ رانديگرن جي مهارت ۽ شوقينن جي دلچسپي ٻنهي کي نئين سطح تي وٺي ويندو.
انتظاميا موجب، چوٿين فارميٽ سان ڪرڪيٽ کي پنجن ڏينهن بدران مختصر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جنهن سان وقت بچندو ۽ براڊڪاسٽرز لاءِ به وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو ٿيندو.
رپورٽ موجب، نئين فارميٽ لاءِا صلاحڪار بورڊ ۾ اڳوڻو ويسٽ انڊين ليجنڊ ڪليو لائيڊ، آسٽريليا جو اڳوڻو اوپنر ميٿيو هيڊن، اڳوڻو ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊي ويليئرز ۽ هرڀجن سنگهه شامل ڪيو ويو آهي.
هر فرنچائز 16 رانديگرن جو اسڪواڊ چونڊيندي، جنهن ۾ 8 ڀارتي ۽ 8 انٽرنيشنل ڪرڪيٽر هوندا، جڏهن ته نيلاميءَ دوران 96 رانديگر چونڊيا ويندا ۽ وڌيڪ 204 رانديگر وائلڊ ڪارڊ پول جو حصو هوندا، جيڪي سيزن دوران مڊ سيزن چونڊ لاءِ اهل هوندا.
You might also like