لزبن (ويب ڊيسڪ) هڪ ٻئي يورپي ملڪ پرتگال جي پارليامينٽ عوامي ماڳن تي نقاب تي پابندي جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بل پرتگال جي انتهائي ساڄي ڌر جي جماعت چيگا پارٽي پيش ڪيو هو، جنهن تي ووٽنگ ٿي.
حڪومتي اتحادي لبرل جماعتن ۽ شيگا پارٽي جي 60 ميمبرن بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته کاٻي ڌر جي جماعتن ۽ ڪميونسٽ ميمبرن مخالفت ڪئي.
پر عددي اڪثريت سان اهو بل منظور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ عوامي ماڳن تي نقاب پائڻ تي پابندي هوندي ۽ ڀڃڪڙي تي 200 کان 4 هزار يورو تائين ڏنڊ هوندو.
ان کانسواءِ ڪنهن کي زبردستي نقاب پارائڻ يا مجبور ڪرڻ تي 3 سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته اها پابندي رڳو عوامي ماڳن تي هوندي ۽ هوائي جهازن، سفارتي احاطن ۽ عبادتگاهن کي ڇوٽ حاصل هوندي.
You might also like