ڪنگ بابر اعظم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار بيٽر بابر اعظم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ (ڊبليو ٽي سي) ۾ اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اڳوڻي ڪپتان آچر ڏينهن لاهور قذافي اسٽيڊيم ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ دوران ڊبليو ٽي سي ۾ اهم ڪارنامو انجام ڏنو.
اسٽار بيٽر ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين اننگز ۾ 23 رنسون ٺاهيندي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي تاريخ ۾ ٽي هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، ۽ هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ايشيا جو پهريون بيٽر بڻجي ويو.
بابر اعظم اهو ڪارنامو پنهنجي 37هين ٽيسٽ ميچ ۾ انجام ڏنو ۽ هاڻي تائين هو ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ 18 ففٽيون ۽ 8 سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي.
واضح رهي ته بابر اعظم کان اڳ اڳوڻو انگلش ڪپتان جوءِ روٽ، بين اسٽوڪس، زيڪ ڪراولي ۽ آسٽريليا جا اسٽيو سمٿ، مارنس لبيوشن، ٽريوس هيڊ ۽ عثمان خواجا به ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ٽي هزار يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهي چڪا آهن.
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ انگلينڊ جي جوءِ روٽ وٽ آهن، جنهن 69 ميچن ۾ 6080 رنسون اسڪور ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.