ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته افغان ٻارن کي به پوليو جا ڦڙا پيئاري واپس موڪليو ويندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه گزري ميٽرنٽي هوم ۾ پوليو روڪ مهم جو افتتاح ڪندي چيو ته 13 کان 19 آڪٽوبر تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم جاري رهندي.
هن چيو ته پوليو وائرس هاڻ دنيا جي رڳو ٻن ملڪن ۾ وڃي بچيو آهي ۽ بدقسمتي سان پاڪستان انهن ۾ شامل آهي، هلندڙ سال صوبي ۾ پوليو جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
سندس چوڻ هو ته افغان وسندين ۾ موجود ٻارن کي به پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا پيا وڃن، سهراب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن مان افغان ٻارن کي ڦڙا پيئارڻ کانپوءِ وطن واپس موڪلي ويندو ته جيئن وائرس جي منتقلي جو سلسلو رڪجي سگهي.
You might also like