لاهور ٽيسٽ: ٻيو ڏينهن بالرن جي نانءُ، نعمان ڏکڻ آفريڪا کي ” بيڪ فُٽ“ تي ڌڪي ڇڏيو

لاهور( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جو راند جي پڄاڻي تي پاڪستان جي پهرين اننگز جي 378 رنسن جي جواب ۾ 6 وڪيٽن تي 216 رنسون ٺاهي ورتيون.
ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ايڊن مارڪرم 45 جي گڏيل اسڪور تي 20 رنسون ٺاهي نعمان علي جي بال تي محمد رضوان جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
ان کان پوءِ 80 جي مجموعي اسڪور تي ويان مُلڊر به نعمان علي جي بال تي 17 رنسن تي محمد رضوان کي ڪيچ ڏئي ويٺو.
ان کانسواءِ ريان رڪلنٽن 71، ٽرسٽن اسٽبز 8، بريوس ٻُڙي ۽ ويرين 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان جي نعمان علي 85 رنسون ڏئي 4 وڪٽون ورتيون، جڏهن ته سلمان علي آغا ۽ ساجد خان جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
ڏکڻ آفريڪا کي پاڪستان جي پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 162 رنسون گهربل آهن.
ٽوني ڊي زورزي 81 ۽ مٿو سامي 6 رنسن تي نائوٽ آئوٽ آهن.
ان کان اڳ پاڪستان پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز 313 رنسن 5 وڪيٽن جي نقصان تان ٻيهر شروع ڪئي.
محمد رضوان 362 جي گڏيل اسڪور تي 75 رنسون ٺاهي آئوٽ پويلين موٽيو، جنهن کانپوءِ ساڳئي اوور ۾ نعمان علي ۽ ساجد خان به کاتو کولڻ واپس وريا، ٽئي سينوران مٿو سامي جو شڪار بڻيا.
شاهين شاهه آفريدي 7 ۽ سلمان علي آغا پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو نروس نائينٽيز جو شڪار بڻيو ۽ 93 رنسن تي وڪيٽ وڃائي ويٺو.
پاڪستان ٽيم پهرين اننگز ۾ 378 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان مٿو سامي 6 وڪٽون ورتيون پرينيلان سبرائن 2، ڪگيسو ربادا ۽ سائمن هارمر هڪ، اهڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.