ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف وٺ پڪڙ، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف آپريشن ڪندي 21 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.
ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل طور آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
پوليس اختيارين موجب پاڪستان رينجرز، سي ٽي ڊي ۽ سهراب ڳوٺ پوليس گڏيل طور تي ڪارروائي ۾ حصو ورتو.
ترجمان ٻڌايو ته آپريشن سهراب ڳوٺ جي مختلف علائقن ۾ ڪيو ويو، جتي داخلي ۽ خارجي رستا سيل ڪري گهر گهر تلاشي ورتي وئي.
ڪارروائي دوران 21 افغانين کي حراست ۾ ورتو ويو، جيڪو غير قانوني طور تي رهندڙ هئا.
اختيارين ٻڌايو ته گرفتار ٿيلن کي شروعاتي جاچ کانپوءِ غير قانوني افغانين لاءِ قائم ڪيل سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويندو، جتان کين واپس افغانستان موڪلڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.