ليجنڊري پاڪستاني ڪرڪيٽر لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو اڳوڻو ليجنڊري ڪرڪيٽر وزير محمد 93 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
اڳوڻي ڪرڪيٽر جي ڀائيٽي شعيب محمد، وزير محمد جي وفات جي خبر جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو اڄ انگلينڊ جي شهر برمنگهم ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
وزير محمد 1952 ۾ ڀارت جي دوري تي ويندڙ پاڪستاني اسڪواڊ جو رڪن هو، جتي هن پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو.
ليجنڊري ڪرڪيٽر 20 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ ٻن سينچريون ۽ ٽن ففٽين جي مدد سان مجموعي طور 801 رنس ٺاهيا.
وزير محمد جا ڀائر حنيف محمد ۽ مشتاق محمد پڻ پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.