انقرا (ويب ڊس) ترڪ صدر رجب طيب اردگان اعلان ڪيو آهي ته غزا ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي معاهدي جي نگراني ۾ فعال ڪردار ادا ڪنداسين.
انقرا ۾ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته ترڪيه ميدان ۾ ان معاهدي جي نگراني ڪندڙ فورس جو حصو هوندو، ترڪيه هڪ مبصر مشن جو حصو بڻجندو، جيڪو جنگبندي ۽ شرطن جي علمداري کي يقيني بڻائيندو.
هن چيو ته ترڪيه غزا ۾ نئين سر تعمير ۽ انساني امداد جي حوالي سان به ڀرپور سهڪار ڪندو.
You might also like