اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ تي اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ تي ڏنڊ جنوري 2023 ۾ پاور بريڪ ڊائون کانپوءِ بحالي ۾ ناڪامي تي لڳايو ويو.
نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجون آپريشنل ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، هر هر ٽريپنگ سان ظاهر ٿيو ته بليڪ اسٽارٽ فيسليٽي جي موڪ ٽيسٽنگ جي کوٽ هئي.
ڪي اليڪٽرڪ کي 15 ڏينهن ۾ ڏنڊ بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته جنوري 2023 ۾ اين ٽي ڊي سي سسٽم ۾ خرابي سبب پاور بريڪ ڊائون تي ڪي اليڪٽرڪ تي ڏنڊ سبب حيرت آهي، فيصلي جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين.