نيپرا ڪي الڪيٽرڪ تي اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ تي اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ تي ڏنڊ جنوري 2023 ۾ پاور بريڪ ڊائون کانپوءِ بحالي ۾ ناڪامي تي لڳايو ويو.
نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجون آپريشنل ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، هر هر ٽريپنگ سان ظاهر ٿيو ته بليڪ اسٽارٽ فيسليٽي جي موڪ ٽيسٽنگ جي کوٽ هئي.
ڪي اليڪٽرڪ کي 15 ڏينهن ۾ ڏنڊ بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته جنوري 2023 ۾ اين ٽي ڊي سي سسٽم ۾ خرابي سبب پاور بريڪ ڊائون تي ڪي اليڪٽرڪ تي ڏنڊ سبب حيرت آهي، فيصلي جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.