ڪابينا جي منظوري کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر جنگنبدي جو عمل شروع ٿي ويندو: اسرائيلي حڪومت جو ترجمان

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي حڪومت جي ترجمان شوش بيڊروسيان چيو آهي ته غزا جنگبندي معاهدي جي منظوري لاءِ ڪابينا اجلاس کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر جنگبندي شروع ٿي ويندي.
بيڊروسيان هڪ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته اسرائيل اڄ صبح مصر ۾ معاهدي جي حتمي مسودي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
ترجمان موجب معاهدي ۾ طئي ٿيندڙ نڪتن تحت جنگبندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ 72 ڪلاڪن جو مدو شروع ٿيندو، جنهن دوران قيدين ۽ يرغمالن جي ڏي وٺ عمل ۾ آندي ويندي.
هن چيو ته اسرائيلي جيل ۾ موجود مقبول فلسطيني سياسي اڳواڻ مروان برغوثي کي آزاد نه ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڏي وٺ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج ”يلو لائن“ کان پوئتي هٽي ويندي، جڏهن ته غزا پٽي جي 53 سيڪڙو حصي تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.