غوثپور لڳ بي ايس فيڊر مان نوجوان جو لاش هٿ

غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور ڀرسان بي ايس فيڊر مان نوجوان جو لاش هٿ آيو.
علائقي واسين نوجوان جو لاش لڙهندي ڏسي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍيو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ عبدالشڪور بهلڪاڻي طور ٿي، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان گھران ڪاوڙجي نڪتو هو ۽ هن بي ايس فيڊر ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.