ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ميرپور ماٿيلي ڀرسان يارولنڊ پوليس غير قانوني جرڳن ذريعي ڪارنهن الزام هڻندڙ 17 وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪري 4 وڏيرن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران يارو لنڊ ڀرسان کروھي واري علائقي ۾ جرڳن ۾ ڪارنهن الزام هڻي ڌرين تي لکين رپيا ڏنڊ ۽ سڱ چٽي وارن واقعن جو نوٽيس ورتو، جنهن کانپوءِ جرڳائي وڏيرن مٿان يارو لنڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
يارو لنڊ پوليس ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ جرڳائي ڀوتارن نور حسن، زبرو، علي حسن ۽ عبدالله کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.
ميرپور ماٿيلو: ڪارو ڪاري جون فتوائون ڏيندڙ جرڳائي وڏيرن خلاف ڪارروائي، 4 گرفتار
You might also like