حيدرآباد: گهر ۾ فرج جو ڪمپريسر ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو، 4 ڄڻا زخمي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ گهر ۾ فرج جو ڪمپريسر ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
واقعو پراڻي سبزي منڊي لڳ گهر ۾ پيش آيو، جنهن ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳڻ سبب 4 گهر ڀاتي زخمي ٿيا.
ريسڪيو ٽيم موجب جاچ دوران معلوم ٿيو ته فرج ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گيس ليڪ ٿيڻ سان ڌماڪو ٿيو،
حادثي ۾ مڙس، زال ۽ ٻه ٻار معمولي زخمي ٿيا، جن کي فوري طور سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.