معصوم نياڻي هير باگڙي جو قاتل پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) سڪرنڊ جي اصغر ڪالوني ۾ بي دردي سان قتل ٿيل معصوم نياڻي هير باگڙي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس مک جوابدار اوم پرڪاش باگڙي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايڇ او سڪرنڊ اڪبر علي چنه موجب پوليس کي اطلاع مليو ته جوابدار اصغر ڪالوني ٽو ۾ لڪيل آهي، گرفتاري لاءِ پهچڻ تي هن فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ پوليس به فائرنگ ڪئي ۽ مقابلي ۾ هو مارجي ويو.
هن ٻڌايو ته جوابدار جي قبضي مان مقتول نياڻي جون سونيون واليون به هٿ آيون، سي ٽي وي فوٽيج ۾ جوابدار کي نياڻي سان گڏ ڏٺو ويو هو، جنهن جي آڌار تي سڃاڻپ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.