پ پ-نون ليگ ڇڪتاڻ: وزيراعظم بلاول کي فون ڦيرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي صورتحال ۽ اهم قومي معاملن تي ڳالهيون ڪيون.
وزيراعظم شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي فون ڪيو، ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ موجودا سياسي صورتحال، ٻوڏ متاثرن ۽ پرڏيهي پاليسي بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ياد رهي ته گذريل رات صدر آصف علي زرداري ۽ ن ليگ جي اڳواڻن وچ ۾ نوابشاهه ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ بيان بازي روڪڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.