حيدرآباد: صحافي طفيل رند ۽ امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) شهيد صحافين طفيل رند ۽ امتياز مير جي قتل خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي.
حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي شهيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد سميت ريجن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ صحافين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن⁠ ته مرڪزي احتجاج حيدرآباد پريس ڪلب کان ريڊيو پاڪستان چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪيو ويو.
احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ايف اي سي جي ميمبر اقبال ملاح، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ايڇ يو ڄام فريد لاکو ۽ ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته ٻن هفتن دوران سنڌ ۾ ٻن صحافين جو قتل فڪر جوڳو معاملو آهي، ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ ٿي ويا آهن.
هنن چيو ته طفيل رند ۽ امتياز مير کي سرعام گوليون هنيون ويون پر حڪومت اڃا تائين انهن جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.
سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻنهي شهيد صحافين جي قاتلن کي فوري طور گرفتار نه ڪيو ويو ته سي ايم هائوس کان وٺي پارليامينٽ تائين احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.