جنگبندي جي حمايت نه ٿو ڪيان، حماس کي تباهه ڪيو وڃي: اسرائيلي وزير

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ناڻي واري وزير بيزليل سموٽريچ چيو آهي ته غزا مان يرغمالين جي واپسي کانپوءِ حماس کي تباهه ڪيو وڃي.
عربي ميڊيا موجب، اسرائيلي ناڻي واري چيو ته يرغمالين جي واپسي بعد اسرائيلي رياست حماس جي حقيقي خاتمي لاءِ پنهنجي پوري قوت سان ڪوششون جاري رکندي ته جيئن مستقبل ۾ اسرائيل لاءِ وڌيڪ خطرو نه رهي.
بيزليل سموٽريچ موجب، غزا جنگ جي خاتمي لاءِ حماس سان ڪنهن به قسم جي جنگبندي جي حمايت نٿو ڪريان.
واضح رهي ته اسرائيل ۽ حماس آمريڪا جي تجويز ڪيل غزا امن ٺاهه جي پهرئين مرحلي تي اتفاق ڪري چڪا آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ اعلان ڪيو هو ته ان معاهدي تحت سمورن يرغمالين جي جلد آزادي عمل ۾ آڻڻ جو انتظام ڪيو ويندو.ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.