ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي وچ ۾ لفظي ڇڪتاڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عالمي امداد جي ڳالهه ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪئي هئي، جيڪا بدمزگي ٿي، اها ٿيڻ نه گهرجي ها.
سندس چوڻ ته اسان سڀني کي هر ڳالهه وساري فقط ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو جي زرعي ايمرجنسي ۽ آبادگارن جي بحالي بابت تجويزن تي وفاق ۽ پنجاب عمل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صدر سان وفاقي وزيرن جي ملاقات ڪا حيرت جوڳي ڳالهه ناهي.
You might also like