عادل راجا ساک کي ڇيهو رسائڻ وارو ڪيس هارائي ويو، لنڊن هاءِ ڪورٽ جو ڏنڊ طور 13 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ بريگيڊيئر (ر) راشد نصير، يوٽيوبُر عادل راجا خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس کٽي ورتو، جنهن موجب عادل راجا کي ڏنڊ ۽ عدالتي خرچن جي مد ۾ گڏيل طور 13 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
لنڊن هاءِ ڪورٽ جي جج جو چوڻ آهي ته عادل راجا بريگيڊيئر (ر) راشد نصير بابت ڪوڙا الزام هڻي کيس بدنام ڪيو، تنهنڪري کيس 50 هزار پائونڊ ڏن ادا ڪرڻو پوندو.
جج عادل راجا بريگيڊيئر (ر) راشد نصير کي عدالتي خرچن جي مد ۾ اٽڪل 3 لک پائونڊ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس پابند ڪيو ته هو پنهنجي سمورن ميڊيا پليٽفارمز تان راشد نصير جي ڪيس کٽڻ بابت خبر جاري ڪري.
ياد رهي ته بريگيڊيئر (ر) راشد نصير 9 ميڊيا آئيٽمز خلاف لنڊن هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
جج رچرڊ اسپيئر مين تسليم ڪيو ته انهن ميڊيا آئيٽمز سبب راشد نصير جي ساک متاثر ٿي ۽ عادل راجا پنهنجي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.