ليجنڊري پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ٻيو اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو ۽ هو دنيا جو پهريون کرب پتي فٽبالر بڻجي ويو.
آمريڪي رسالي بلومبرگ جي تازي بلينئرز انڊيڪس موجب، ڪرسٽيانو رونالڊو جي دولت جو ڪاٿو 1.4 ارب آمريڪي ڊالر لڳايو ويو آهي، جيڪو پاڪستاني ڪرنسي ۾ 3 کرب 93 ارب رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿو.
ان سان گڏوگڏ ئي رونالڊو دنيا جو پهريون کرب پتي فٽبالر بڻجي ويو آهي.
اسٽار فٽبالر جي اثاثن ۾ وڏي واڌ تڏهن ٿي جڏهن هن جون ۾ سعودي ڪلب النصر سان هڪ نئون معاهدو ڪيو، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 400 ملين ڊالر ڄاڻائي پئي وڃي.
بلومبرگ موجب، رونالڊو 2002ع کان 2023ع تائين رڳو پگهار جي مد ۾ 550 ملين ڊالر کان وڌيڪ ڪمائي چڪو آهي، جڏهن ته نائڪ سان هڪ ڏهاڪي تي ٻڌل اسپانسرشپ ڊيل مان هن کي هر سال اٽڪل 18 ملين ڊالر حاصل ٿيندا رهيا.
ان کانسواءِ ٻين مشهور برانڊز جي اشتهارن مان رونالڊو کي 175 ملين ڊالر کان وڌيڪ آمدني ٿي.
رونالڊو جي 2023ع ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ مان سعودي فٽبال ڪلب النصر ۾ منتقلي کيس فٽبال جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ رانديگر بڻائي ڇڏيو، سندس ساليانو معاهدو 177 ملين پائونڊ جو هو.
رونالڊو هاڻي اهڙن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن رانديگرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪي راندين جي دنيا ۾ ارب پتي بڻيا، جن ۾ مائيڪل جارڊن، ميجڪ جانسن، ليبرون جيمز، ٽائيگر ووڊز ۽ راجر فيڊرر جهڙا نالا شامل آهن.
Next Post
You might also like