ڪراچي(عوامي آُواز نيوز) سنڌ سولر هوم پراجيڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو معاملو اڃا تائين ميڊيا جي خبرن جي زينت بڻيل آهي،هڪ خانگي ٽي وي موجب وڏي وزير معاملي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،رپورٽ موجب غيرملڪي ڪمپني جي بڊ مطابق سنڌ حڪومت ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن کان بغير 151 ڊالر في يونٽ جو معاهدو ڪيو،پر دستاويزن مطابق ٺيڪو حاصل ڪندڙ ڪمپني سولر هومز سسٽم رڳو 23.4 ڊالر في يونٽ جي حساب سان ايڪسپورٽ ڪيو،پکي جي 23.5 ڊالر ۾ امپورٽ ڏيکاري وئي،پوري سولر ڪٽ جي ڪل ماليت 50 ڊالر کان به گهٽ هئي پر سنڌ حڪومت غيرملڪي ڪمپني سان 151 ڊالر جي لاڳت جو معاهدو ڪري ڇڏيو،يعني ٽيڪسن کان بغير ٻه لک سولر ڪٽس جي ڪل قيمت تقريبن ساڍا 8 ارب ڊالر هئي،ان ۾ اين جي اوز ذريعي ورڇ جا هڪ ارب رپيا به شامل ڪجن ته ڪل لاڳت ساڍا 9 ارب رپيا ٻڌائي وئي،سنڌ حڪومت جي معاهدي ۽ امپورٽ جي دستاويزن ۾ 100 ڊالر تائين جو فرق رهيو،ٻه لک سولريونٽس تي 100 ڊالرن جي فرق جو مطلب 5 ارب 60 ڪروڙ رپيا غبن ڪيا ويا، ٻن لک پکن تي جعلي ڊيوٽيز جي مد ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڦٻائي وئي، جڏهن ته ايف بي آر موجب نجي ڪمپني پاران بظاهروڏي پئماني تي انڊر انوائسنگ ٿي آهي،ايف بي آر جعلسازي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،ٻئي پاسي توانائي کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جڏهن توانائي کاتو مون وٽ هو انهن ڏينهن ۾ ئي ان معاملي جي پوري انڪوائري لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو هو،وڏي وزير به چيو آهي ته پوري جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ايف بي آر ۽ ڪسٽم کان به تفصيل گهريا آهن جيڪو به ملوث هوندو ان کي سزا ملندي سڀني جي سامهون وائکو ڪنداسين،درآمدي پکن جي حوالي سان ڪسٽم ۽ ايف بي آر کي لکيو آهي،تيمور اينڊ ڪمپني کان پکن جي معاملي تي پڇاڻو ڪيو آهي، بقول انهن جي ته اهي پکا هتي نٿا ٺهن،ان لاءِ اسان انڪوائري ڪري رهيا آهيون،هن چيو ته ٺيڪيدارجو چوڻ آهي ته اهي پکا هتي ٺهن ئي نٿا،اسان جي انڪوائري ۾ جيڪو ڪجهه آيو اهو شيئر ڪنداسين،ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو،ڪيترائي ڀيرا اڳ به انڪوائريون ٿي چڪيون آهن،توانائي کاتي جي عملدارن به ڪاغذن جي تصديق ڪرائي هئي،هن چيو ته اهو ننڍو معاملو ناهي،قوم جو پئسو آهي ان کي لٽڻ نه ڏينداسين،