ڪبريٰ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وَس ڪيم، انڪار ڪري ڪري نيٺ راضي ٿي وئي: گوهر رشيد

اداڪار گوهر رشيد انڪشاف ڪيو آهي ته ڪبريٰ خان سان محبت مون کي ئي ٿي هئي ۽ شادي جي آڇ به مان ئي ڪئي هئي پر اداڪارا پهريون ڀيرو انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هڪ انٽرويو ۾ گوهر رشيد چيو ته شادي کانپوءِ مان نه رڳو تبديل ٿيو آهيان پر شخصيت ۾ 200 سيڪڙو بهتري آئي آهي، گهرواري جي ڪري شخصيت ۾ بهتري آئي ۽ مون کي يقيني آهي ته شادي کانپوءِ ڪبريٰ جي زندگي ۾ به تبديليون آيون هونديون.
هن انڪشاف ڪيو ته مان 40 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ منهنجي خيال ۾ شادي جو عمر سان ڪو واسطو ناهي، ڪنهن به عمر ۾ شادي ڪري سگهجي ٿي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه انسان 30 ورهين جي عمر ۾ گهڻا سمجهدار ٿي ويندا آهن پر مان سمجهان ٿو ته جيترو 40 سالن جي عمر ۾ سمجهدار ٿيس، ايترو 30 ورهين جي عمر ۾ نه هيس، تنهن ڪري ان عمر ۾ شادي ڪئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ گوهر رشيد انڪشاف ڪيو ته ڪبريٰ سان محبت مون کي ٿي هئي ۽ کيس شادي جي آڇ به مان ئي ڪئي پر پهريون ڀيرو هن انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڪبريٰ جي انڪار باوجود مان همت نه هارائي ۽ پنهنجي مقصد ۾ لڳل رهيس، ٻيو ڀيرو شادي جي آڇ ڪئي ته ڪبريٰ راضي ٿي وئي.
هن چيو ته ڪبريٰ جو شادي کان انڪار ٺهي پيو، ڇو ته هوءَ سهڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.