ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلاول ڀٽو اهڙو ماحول پيدا ڪيو، جنهن سبب حڪومت ٺهي، بلاول ماضي جا اختلاف وساري شهباز حڪومت ۾ پرڏيهي وزير بڻيو، بلاول شهيد ڀٽو جو ڏوهٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو جڏهن ٻوڏ آئي ته بلاول اهو نه چيو وزيراعظم اسان جي صوبي ۾ نٿو اچي، اهي پ پ سان بغض ۾ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، پنجاب حڪومت تنقيد کان ٻاهر نڪري ماڻهن جي مدد ڪري.
هن چيو ته پنجاب حڪومت سان مناظري لاءِ تيار آهيون، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ سياسي پارو گهٽجي، اسان رڳو سنڌ نه سڄي ملڪ جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون، مريم نواز پنهنجي بيان سان ظاهر ڪيو ته هوءَ رڳو پنجاب جو ڪيس وڙهي رهي آهي.