ڪرڪيٽر ڪامران غلام به شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر ڪامران غلام به شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
ڪامران غلام جي وليمي جي تقريب پشاور ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪرڪيٽر جي مٽن مائٽن ۽ دوستن سميت ساٿي ڪرڪيٽرن به شرڪت ڪئي.
وليمي جي تقريب ۾ محمد رضوان، صاحبزادا فرحان، افتخار احمد، فخر زمان، نسيم شاهه ۽ ساجد خان سميت ٻيا ڪرڪيٽر شريڪ ٿيا.
قومي ڪرڪيٽرن ڪامران غلام کي شادي جي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي ڪرڪيٽر ابرار احمد جي به شادي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.