ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽور جي مختلف شاخن کان چارج ٿيل پارڪنگ جي وصولي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواستگذار کي درخواست واپس وٺڻ جي لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي، درخواستگذار چيو ته ڪي ايم سي کي پارڪنگ فيس ادا ڪئي پئي وڃي، ٽائون انتظاميا به مطالبو ڪيو آهي، عدالت پارڪنگ لاءِ روڊ مختص ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته روڊ تي پارڪنگ جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ جڏهن عدالت حڪم ڏئي ٿي ته حڪومت چوي ٿي ته ان کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، عدالت چيو ته اهو هڪ رجحان بڻجي چڪو آهي ته هتي عدالت حڪم ڏئي ٿي، اتي ڪو سرڪاري معاملن ۾ رڪاوٽ وجهڻ شروع ڪري ٿو، هي ڪي ايم سي ۽ ٽائونز جي وچ ۾ تڪرار آهي، اهي پاڻ ويهي ان کي حل ڇو نٿا ڪن؟