ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره يشما گِل جو چوڻ آهي ته هڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران مغربي لباس ۽ نيل پالش سان نماز پڙهڻ وئي ته جونيئر ڪاسٽ ۾ شامل اداڪارا سوال ڪيو ته منهنجي نماز ڪيئن قبول ٿيندي؟
ويجهڙ اداڪارا يشما گل هڪ انٽرويو ۾ مختلف موضوعن سان گڏ مذهبي لاڙن بابت به ڳالهايو.
يشما گل هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته”هڪ ڀيري مان شوٽنگ دوران وقفو وٺي نماز پڙهڻ ويس ته ڪاسٽ ۾ شامل هڪ جونيئر اداڪارا چيو ته پٽ، توهان مغربي لباس پاتو آهي ۽ ننهن جو رنگ هنيو آهي، توهان جي نماز ڪيئن قبول ٿيندي؟“
هن چيو ته ”مون ان وقت کيس ڪو جواب نه ڏنو، پر منهنجي نظر ۾ ڪنهن به انسان جي عبادت قبول ڪرڻ الله جو ڪم آهي، انسان جو نه.“
يشما گل پنهنجي ڳالهه جي وضاحت لاءِ دليل ڏيندي چيو ته ” ان وقت مان سوچيم ته جيڪڏهن ڪو شاگرد امتحان ۾ ويهندو ئي نه ته يقينن فيل ٿيندو، پر جيڪڏهن ڪو شاگرد امتحان ۾ ويهي ته ٿي سگهي ٿو کيس هڪ ٻه نمبر ملي وڃن ۽ الله منهنجن معاملن کي بهتر ڄاڻي ٿو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”مان مڃان ٿي ته اسان کي نماز لاءِ به پروٽوڪول فالو ڪرڻ گهرجن، پر جيڪڏهن ڪا اهڙي صورتحال اچي وڃي جتي اسان اهي پروٽوڪول فالو نه ڪري سگهون، ته گهٽ ۾ گهٽ فرض ته ادا ڪرڻ گهرجن.“
You might also like