عائشه عمر جي شو” لازوال عشق“ تي ٻڙڌڪ، پابندي جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) معروف اداڪاره ۽ ٽي وي ميزبان عائشه عمر جي ريئلٽي شو ”لازوال عشق“ جي پهرين قسط يوٽيوب تي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن کي واهپيدارن ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
عائشه عمر تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته سندس ماءُ کي اِهو شو ڏاڍو وڻيو ۽ هوءَ امڙ جي راءِ سڀ کان وڌيڪ اهم سمجهي ٿي.
عائشه عمر انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي پنهنجا خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ” ڇا امان کي پهرين قسط پسند آئي؟ بلڪل! ۽ سندس ئي راءِ ۽ فيڊ بيڪ منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي.“
اداڪارا ۽ ميزبان جو چوڻ هو ته سندس ماءُ چيو ته هي ڏاڍو دلچسپ ۽ مختلف شو آهي، ”اڄ ڪل جا نوجوان ڪيئن سوچين ٿا، ڇا محسوس ڪن ٿا، سندن پسند ناپسند ڇا آهي، اهو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ هڪ نئون تجربو هو، ۽ شو دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تمام صحتمند ۽ متوازن هئي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” امان شو فالو ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي ۽ منهنجي لاءِ اهو ئي سڀ ڪجهه آهي ڇاڪاڻ⁠ته کيس منهنجو ڊرامو ” ”بلبلي“ پسند ڪرڻ ۾ به ڪيترائي سال لڳي ويا هئا. “
عائشه عمر مداحن کي پهرين قسط ڏسڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هو کيس پنهنجو فيڊ بيڪ ضرور موڪلين.
واضح رهي ته ”لازوال عشق“ جو ٽيزر ايندي ئي ان تي پابندي جو مطالبو ڪيو ويو هو.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اِهو شو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ان جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، پر پيمرا وضاحت ڏني ته ڇو⁠ته هي ڪنهن لائسنس يافتا ٽي وي چئنل تي نشر نه پيو ٿئي، رڳو سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي ڏيکاريو پيو وڃي، تنهنڪري هي پروگرام سڌو سنئون پيمرا جي دائري نٿو اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.