سنڌ ۾ 2 هزار پرائمري اسڪول ايليمينٽري اسڪولن ۾ اپ گريڊ، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ اسڪول ايجوڪيشن کاتي صوبي جي تعليم جي ترقيءَ لاءِ اهم قدم کڻندي 2000 پرائمري اسڪولن کي ايليمينٽري اسڪول ۾ اپ گريڊ ڪري ڇڏيو جنھن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. تعليم واري وزير سردار علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پوسٽ پرائمري اسڪول گهٽ آهن ان ڪري پرائمري اسڪولن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن پنجون درجو پاس ڪندڙ شاگرد پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن، ان سان تعليمي شعبي ۾ بهتري ايندي ۽ ٻارن کي پنھنجن علائقن ۾ ويجهڙائي ۾ ايليمينٽري اسڪول جي سهولت ملي سگھندي جنھن سان ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا ۾ واڌارو پڻ ٿي سگھندو. اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ ريسرچ ونگ پاران اسڪول اپگريڊيشن تي تفصيلي جائزي بعد اسڪول ايجوڪيشن کاتي سڄي سنڌ ۾ 2000 پرائمري اسڪول اپ گريڊ ڪري ايليمينٽري بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، حيدرآباد ڊويزن ۾ 496 اسڪول، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 406 اسڪول، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 244 اسڪول، سکر ڊويزن ۾ 341 اسڪول، ڪراچي ڊويزن ۾ 56 اسڪول ۽ لاڙڪاڻي ۾ 490 اسڪول اپ گريڊ ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان تعليم واري وزير سردار علي شاهه چيو آهي ته اسڪول اپ گريڊ ڪرڻ سان تعليم بهتر ٿيندي، ويجهڙائي وارن علائقن ۾ ايليمينٽري اسڪول هجڻ سبب ٻار پنجين درجي کان پوءِ تعليم جاري رکي سگهندا ۽ انهن کي پري نه وڃڻو پوندو، اسڪول ايجوڪيشن کاتي 10 هزار پرائمري اسڪول اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پهرين مرحلي ۾ 2 هزار اسڪول اپ گريڊ ڪيا ويا آهن ٻيا اسڪول به ڪيا ويندا. سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون جاري رکي رهي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ بهتر قدم کنيا ويندا. سمورن اسڪولن جي هيڊ ماسترن کي فنڊ استعمال ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن هاڻي اهي پاڻ اسڪولن جا مسئلا به حل ڪري سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.