لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا صائمه قريشي چيو آهي ته 95 سيڪڙو مرد ٻي شادي جا خواهشمند آهن، تنهنڪري حرام ڪم ڪرڻ بدران مرد کي ٻي شادي ڪرڻ گهرجي.
اداڪارا صائمه قريشي تازو هڪ انٽرويو ۾ مختلف موضوعن تي ڳالهائيندي مردن جي ٻي شادي ۽ غير شادي شده لاڳاپن تي خيالن جو اظهار ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ صائمه قريشي چيو ته 95 سيڪڙو مرد ٻي شادي ڪرڻ چاهين ٿا، ميڊيا ۾ به اهڙيون ڪيئي عورتون آهن، جن پنهنجن مڙسن جي ٻي شادي پاڻ ڪرائي آهي، ايتريقدر جو ڪيترائي خاندان اهڙا به آهن جتي مرد جون ٻئي زالون گڏ رهن ٿيون.
هن چيو ته اسان وٽ مرد غير شادي شده لاڳاپا ٺاهڻ کان نه ڊڄندا آهن، جڏهن ته کين گهرجي ته پنهنجي زال کي اعتماد ۾ وٺي ان ڇوڪريءَ سان نڪاح ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هڪ مرد جي غلط حرڪت پوري نسل تباهه ڪري ڇڏيندي آهي.
صائمه قريشي جو چوڻ هو ته مردن کي ڪنهن جي جذبن سان کيڏڻ يا ڪوڙو واعدو ڪري ڪنهن کي ڦاسائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته سندن پنهنجا ٻار به آهن، تنهنڪري حرام ڪم ڪرڻ بدران مردن کي ٻي شادي ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته ان کان اڳ به اداڪاره صائمه قريشي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته مڙس کي ٻي شادي لاءِ پهرين زال کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي، ان بيان ۽ وائرل ٿيل وڊيو ڪلپ تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
Prev Post
You might also like