جھمپير(رپورٽ: نظير پالاري) جھمپير ڀرسان ڳوٺ بچل جاکرو تي ھٿياربندن جي ڪاھ، فائرنگ، ھڪ ڄڻو قتل، 7 ڄڻا زخمي، 2 عورتون اغوا، مڪان آڃڻي جي ڳوٺ بچل جاکرو تي جھمپير شھر جي جاکرا برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري ڏنو، ڳوٺ بچل جاکرو واسي محمد خان جاکرو گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻنھي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ غمشاد جاکرو، علي حسن جاکرو، سليمان جاکرو ۽ ٻيا شامل آھن، ڊي ايس پي جھرڪ واجد ٿھيم ۽ ايس ايڇ او جھمپير اسلم گگو واقعي واري هنڌ پهچي ڇڪتاڻ تي ضابطو آندو ۽ مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي رورل ھيلٿ سينٽر جھرڪ پهچايو، جڏهن ته هٿياربند ڳوٺ بچل جاکرو جون 2 عورتون پڻ اغوا ڪري کڻي ويا، زخمي علي حسن جاکرو ٻڌايو ته مخالف ڌر ڳوٺ تي ھلان ڪري سڌي فائرنگ ڪئي آھي جنھن ۾ ھڪ ڄڻو قتل ۽ سندن 5 ڳوٺاڻا سخت زخمي ٿي پيا، جڏھن ته اسان جون 2 عورتون پڻ اغوا ڪري کڻي ويا آهن، ذريعن موجب جاکرا برادري جي شادي شده نوجوان ناري ڳوٺ بچل جاکرو جي نوجوان سان گڏ گھران نڪري وئي هئي، ان جي پلاند ۾ هٿياربندن حملو ڪيو ۽ ٻن عورتن کي اغوا ڪري ويا.