ظلم جي انتها، اڻڄاتل ماڻهن ڪهاڙين جا وار ڪري ڍُڪي مينهن جون ڄنگهون ڪپي ڇڏيون

گجرات (ويب ڊيسڪ) گجرات جي علائقي کيوا ۾ ظلم جي انتها ٿي وئي، اڻڄاتل ماڻهن ڪهاڙين جا وارَ ڪري ڍُڪي مينهن جي ٻه ڄنگهون ڪپي ڇڏيون.
مينهن دانهون ڪندي رهي پر ظالمن کي ان تي رحم نه آيو، مينهن پورهيت جي خاندان جي واحد معاشي ذريعو هئي.
جلالپور جٽان جي صدر ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدارن ڪهاڙين سان مينهن جون ڄنگهون ڪپيون، جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعي حسد جي بنياد تي پيش آيو يا وري دشمني تان، ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.