پئرس (ويب ڊيسڪ) فٽبال جو مقبول ترين ايوارڊ ” بيلن ڊي اور“ فرانس جي فارورڊ عثماني ڊيمبلي کٽي ورتو.
سال جي بهترين فٽبالرز جي بيلن ڊي اور ايوارڊ جي تقريب سومر ڏينهن پئرس ۾ ٿي، جنهن ۾ پئرس سينٽ جرمين جي فارورڊ ۽ فرانس جي فٽبالر عثماني ڊيمبلي بهترين فٽبالر جو ايوارڊ حاصل ڪيو.
28 ورهين جي ڊيمبلي گذريل سيزن ۾ 53 ميچن ۾ 35 گول ڪيا.
ڊيمبلي کانسواءِ اسپين جي لامين يامال کي به بيلن ڊي اور لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، پر سال جي بهترين فٽبالر جو ايوارڊ بيلن ڊي اور فرانسيسي رانديگر جي نالي رهيو.
ٻئي پاسي عورتن جي بهترين فٽبالر جو ايوارڊ اسپين جي ايتانا بونماتي کٽي ورتو، اهڙي طرح هوءَ لڳاتار ٽين ڀيرو بيلن ڊي اور کٽيندڙ پهرين عورت فٽبالر بڻجي وئي آهي.
واضح رهي ته بيلن ڊي اور ايوارڊ فرانس فٽبال طرفان سال جي بهترين فٽبالر کي ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان 180 صحافي فاتح لاءِ ووٽ ڪندا آهن.
ميَسي سڀ کان وڌيڪ 8 ڀيرا” بيلن دي اور“ايوارڊ کٽي چڪو آهي، جڏهن ته رونالڊو اِهو ايوارڊ 5 ڀيرا پنهنجي نالي ڪيو آهي.