”پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملائيندئو يا نه؟ “ سوريا صحافي جي سوال تي ڪهڙو جواب ڏنو؟

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سوريا ڪمار يادو ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ايندڙ ميچ دوران پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملائڻ وارو سوال ٽاري ويو.
ابوظهبي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڀارتي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو جو چوڻ هو ته پاڪستان خلاف ميچ ۾ بيٽ ۽ بال جو سٺو مقابلو ٿيندو، هر ميچ نئون چئلينج هوندو آهي.
هڪ صحافي سوال ڪيو ته پوئين ميچ ۾ ڀارتي ٽيم سٺو کيڏي، ڇا ايندڙ مقابلي ۾ به ڀارت ائين ڪندو جيئن گذريل ميچ ۾ ڪيو؟
ڀارتي ڪپتان مُرڪندي اهو سوال ٽاري ويو ۽ چيو ته ”ها، توهان شايد بالنگ بابت پڇي رهيا آهيو، اسان ان ميچ ۾ واقعي سٺي بالنگ ڪئي هئي“
سوريا ڪمار جو چوڻ هو ته پاڪ-ڀارت رائيولري بابت نه ڳالهائيندس، جڏهن اسٽيڊيم تماشائين سان ڀريل ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان ته سٺي ڪرڪيٽ کيڏان، هر ميچ نئون چئلينج آهي، اسان کي ٻيهر شروع کان شروع ڪرڻو پوندو ۽ جيڪا ٽيم سٺو کيڏندي اها کٽيندي.
ياد رهي ته گذريل آچر 14 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جي اهم ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ ڀارتي ٽيم اسپورٽس مين اسپرٽ کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو هو.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گروپ ميچ ۾ ٽاس جي موقعي تي ٻنهي ڪپتانن هڪ ٻئي سان هٿ نه ملايو هو.
ميچ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم جي ڪوچ ٻڌايو هو ته ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان آغا کي ڀارتي ڪپتان سان هٿ نه ملائڻ لاءِ چيو هو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ان معاملي تي سخت احتجاج ڪندي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کان اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي ٻين ميچن ۾ ذميواري نه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ گڏيل عرب امارتن خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني هئي.
پي سي بي جي احتجاج کان پوءِ اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستاني ڪپتان کان معافي ورتي هئي ۽ ان کان پوءِ پاڪستان گڏيل عرب امارتن خلاف ايشيا ڪپ جي ميچ کيڏڻ لاءِ راضي ٿيو، جڏهن ته ان ميچ ۾ به ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ ئي هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.