اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جا تازا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب پاڪستان ۾ رجسٽرد ووٽرن جو انگ 13 ڪروڙ 49 لک 49 هزار 984 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 68 لک 12 هزار 589 ٿي ويو، سنڌ ۾ ووٽرن جو انگ ٻه ڪروڙ 82 لک 87 هزار 201 ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت خيبر پختونخواهه ۾ ووٽرن جو انگ ٻه ڪروڙ 23 لک 321، بلوچستان ۾ 56 لک 38 هزار 84 ۽ اسلام آباد ۾ ووٽرن جو انگ 12 لک 11 هزار 897 ٿي ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 23 لک 54 هزار 182 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 6 ڪروڙ 25 لک 95 هزار 802 ٿي ويو آهي.
You might also like