ڇا سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين نه لڳرائڻ تي وظيفو بند ٿيندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي هڪ نوٽيفڪيشن گردش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين نه لڳرائڻ کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون ادائيگيون روڪيون وينديون، ان معاملي تي سنڌ حڪومت وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديا جاويد وضاحت ڪئي آهي ته ويڪسين نه لڳرائڻ تي سنڌ حڪومت طرفان ادائيگي روڪڻ جي خبر غلط آهي، بي آءِ ايس پي وفاقي حڪومت جو پروگرام آهي، سنڌ حڪومت ڪنهن جو وظيفو بند نٿي ڪري سگهي، ڪوڙي مهم ٻارڙين کي ڪيسنر کان بچائڻ جي ڪوشش کي نقصان پهچائي رهي آهي.
هوڏانهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن جعلي آهي، بي آءِ ايس پي جو ايڇ پي وي ويڪسين سان ڪو واسطو ناهي ۽ ڪنهن حقدار جي ادائيگي نه روڪي ويندي، عوام کي درخواست آهي ته اهڙي جعلي نوٽيفڪيشن کي نظرانداز ۽ غلط ڄاڻ پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.