ايشيا ڪپ سُپر فور: تڪراري پاءِ ڪرافٽ ئي پاڪ-ڀارت ميچ جو ريفري هوندو!

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي گروپ ميچ ۾ تڪرار جو ڪارڻ بڻجندڙ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سپر فور جو مقابلو به سُپروائز ڪندو.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، 14 سيپٽمبر تي ڀارت خلاف ميچ دوران پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا کي سوريا ڪمار يادو سان هٿ ملائڻ کان روڪڻ ڪرڻ واري تڪرار ۾ ملوث اينڊي پاءِ ڪرافٽ آچر تي به پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ريفري جون ذميواريون نڀائيندو.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سپر فور جو ميچ سڀاڻي (آچر، 21 سيپٽمبر) دبئي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته 14 سيپٽمبر تي گروپ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي هڪ طرفي مقابلي ۾ ست وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو هو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گروپ ميچ ۾ ٽاس جي موقعي تي ٻنهي ڪپتانن هڪ ٻئي سان هٿ نه ملايو هو.
ميچ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جي ڪوچ ٻڌايو هو ته ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان آغا کي ڀارتي ڪپتان سان هٿ نه ملائڻ لاءِ چيو هو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ان معاملي تي سخت احتجاج ڪندي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کان اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي ٻين ميچن ۾ ذميواري نه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ گڏيل عرب امارتن خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني هئي.
پي سي بي جي احتجاج کانپوءِ اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستاني ڪپتان کان معافي ورتي هئي ۽ ان کانپوءِ پاڪستان گڏيل عرب امارتن خلاف ايشيا ڪپ جي ميچ کيڏڻ لاءِ راضي ٿيو، جڏهن ته ان ميچ ۾ به ريفري اينڊي پائيڪرافٽ ئي هو.
پاڪستان ٽيم سُپر فور ميچ کان اڳ پنهنجي پريس ڪانفرنس به رد ڪري ڇڏي آهي ۽ ڀارت سان ميچ کان اڳ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ نفسياتي ماهر جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.