لزبن (ويب ڊيسڪ) يورپي ملڪ پرتگال به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پرتگال جي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو ته آچر ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد فلسطيني رياست کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪندو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پرتگال انهن 9 ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪي ايندڙ هفتي فلسطيني رياست کي تسليم ڪندا، انهن ملڪن ۾ برطانيا، آسٽريليا، فرانس ۽ ڪينيڊا به شامل آهن.
You might also like