پنجاب ۾ صوبا ٺهي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو نه؟ خالد مقبول صديقي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب صوبا ٺهي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو نه؟
ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي سڀني جي مدد ڪري رهيو آهي پر ڪراچي جي ڪير به مدد نه پيو ڪري، مرتضيٰ وهاب جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون، ان تي پنهنجي پارٽي به اعتماد ناهي ڪندي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ملڪ دشمن ان ڪري چيو ويندو آهي، ڇو ته اها جماعت صوبن جو مطالبو ڪندي آهي، صوبا نه پاڪستان ڌرتي ماءُ آهي، ان ۾ ڪا تڪرار جي ڳالهه ناهي، اهو ته آئين ۾ موجود آهي، جڏهن ضلعا ۽ ڊويزن وڌندا ويا ته صوبا ڇو نه؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.