ايشيا ڪپ: سُپر فور جي هاءِ وولٽيج دنگل ۾ پاڪ-ڀارت سڀاڻي وري دوبدو، شاهين فتح لاءِ پرعزم

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سپر فور جي ميچ سڀاڻي (آچر، 21 سيپٽمبر) دبئي ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ايشيا ڪپ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ دوبدو ٿينديون،
ٽورنامينٽ هي هاءِ وولٽيج ميچ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندي.
پاڪستان ٽيم سُپر فور ميچ کان اڳ پنهنجي پريس ڪانفرنس به رد ڪري ڇڏي آهي ۽ ڀارت سان ميچ کان اڳ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ نفسياتي ماهر جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.
ايشيا ڪپ سُپر فور مرحلي ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪري کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ رانديگرن بيٽنگ ۾ ناڪاميءَ جو اعتراف ڪيو.
ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيم جي گڏجاڻي ۾ هر رانديگر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ بيٽنگ ۾ ناڪامي جو اعتراف پڻ ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن اِها ڳالهه مڃي ته اسٽرائيڪ روٽيٽ ڪرڻ ضروري آهي جڏهن ته بالرن تسليم ڪيو ته بيٽرز لاءِ ڪنڊيشنز ٿوري ڏُکي آهي.
ذريعن موجب، ڪرڪيٽرن ٽيم مئنيجمينٽ کي پَڪ ڏياري ته سپر فور مرحلي ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا، جڏهن ته ڪوچ مائيڪ هيسن ٽيم تي مڪمل اعتما جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته 14 سيپٽمبر تي گروپ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي هڪ طرفي مقابلي ۾ ست وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.